ڊاڪٽر بلوچ جا مقالا تاريخ

ڊاڪٽر بلوچ جا مقالا تاريخ

ڊاڪٽر بلوچ جا مقالا تاريخ

ڊاڪٽر بلوچ جا مقالا تاريخ (ڪتاب): هي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي مقالن ۽ انٽرويوئن تي مشتمل ڪتاب آهي، جنهن ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جا مختلف سيمينارن/ ميلن ۾ پڙهيل مقالا ۽ مختلف ڇپيل تحقيقي مقالا شامل آهن جيڪي ٽماهي مهراڻ، نئين زندگي، ماهوار پيغام، ڪينجهر تحقيقي جنرل، رهبر پبليڪيشن، سانگهڙ جي سرهاڻ، روزاني مهراڻ ۽ سوکڙي سووينئر تان کنيا ويا آهن.
ڪتاب جو سهيڙيندڙ ڊاڪٽر يعقوب مغل آهي. جنهن مقالن سان گڏ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جا چار انٽرويو به شامل ڪيا آهن. ڪتاب جو پيش لفظ ڊاڪٽر يعقوب مغل پاڻ لکيو آهي جڏهن ته پبلشر پاران وارو نوٽ ڊاڪٽر حبيب الله صديقيءَ جو لکيل آهي.
ڪتاب ۾ موجود انٽرويو، ريڊيو پاڪستان جي لائبريريءَ مان حاصل ڪري اُتاري لکيا ويا آهن جيڪي مراد علي مرزا ۽ محمد عثمان منگيءَ ڊاڪٽر بلوچ صاحب کان ورتا آهن. اهي انٽرويو 1958ع ۾ نشر ٿيا هئا.
354 صفحن تي مشتمل چار رنگي ٽائيٽل سان ڊبل ڪرائون سائيز جو هي ڪتاب، ڊاڪٽر اين. اي بلوچ انسٽيٽيوٽ فار هيريٽيج ريسرچ سال 2012ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو جنهن جي قيمت 600 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو